سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو لڳ عرضي ڀٽو مان 13 سالن جو نينگر آفتاب حسين پٽ ممتاز سيال گذريل 5 ڏينھن کان پر اسرار نموني گم ٿي ويو آهي، ان حوالي سان نينـگر جي سئوٽ ادريس علي ٻڌايو ته آفتاب گذريل پنجن ڏينھن کان گھران نڪرڻ بعد گم ٿي ويو آھي، ڳولا باوجود سندس پتو ناهي پيو، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.