سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ۾ مبينا طور پوليس جي گرفتاري جي خوف کان ڀڄندڙ  همراهه پاڻي جي کڏ ۾ فوت، وارثن جو لاش رکي ڌرڻو، پوليس اھلڪارن تي غوطا ۽ گھٽا ڏئي مارڻ جو الزام، پوليس جو چوڻ آهي ته همراهه تي منشيات جا ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل هئا، خبر موجب سانگهڙ شھر جي ڪاري ٽانڪي جي رهواسي 35 سالن جي علي مراد خاصخيلي کي پوليس مبينا طور گرفتار ڪرڻ آئي ته هو گرفتاري جي خوف کان ڀڄندي برساتي پاڻي جي نالي ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو، همراهه جو لاش علائقي واسين ڪڍرائي رڪشا تي کڻائي سول اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن لاش پيرو وزير چوڪ تي رکي ڌرڻو هنيو، وارثن رضا محمد خاصخيلي، عبدالرحيم خاصخيلي، گل بهار خاصخيلي ۽ ٻين الزام هنيو ته سانگھڙ ليگل انچارج لالا حميد پٺاڻ ۽ ٻين پوليس اهلڪارن همراهه کي گھٽا ۽ غوطا  ڏئي قتل ڪيو آهي، معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي ذميوارن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو وڃي، ٻئي پاسي ايس ايڇ او سانگهڙ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هو سرڪاري ڪم سانگي ڊي آءِ جي آفيس نوابشاهه ويل هئو، معاملي بابت کيس ڪا به ڄاڻ نه آهي، هن ٻڌايو ته فوت ٿيل علي مراد خاصخيلي مٿان سانگهڙ ٿاڻي تي منشيات جا ڪيس داخل ٿيل آهن، ڊي ايس پي سانگهڙ آصف آرائين ٻڌايو ته آئون واقعي وارو هنڌ ڏسي آيو آهيان، جتي همراهه گٽر ۾ ڪري فوت ٿي ويو، وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد واضح ٿيندو، جيڪڏهن اهلڪارن جي غفلت ثابت ٿي ته انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي،