ڪرونڊي (ن پ ا) ڪرونڊي ويجهو عورت دل جي تڪليف بعد رستي ۾ برساتي پاڻي بيٺل هجڻ ڪري اسپتال پهچڻ کان اڳ فوت ٿي وئي. ڳوٺ جان محمد شينو واسڻ بيواهه عورت زليخان شينو کي دل ۾ سور پوڻ سبب ڳوٺ کان رستي تي بيٺل برساتي پاڻي جھاڳي کٽ تي کڻي اسپتال نيو پئي ويو ته گهڻي دير ٿيڻ جي نتيجي ۾ هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. واضح رهي ته ڳوٺ کان ڪرونڊي شهر ڏانهن ويندڙ رستو پاڻي هيٺ آيل آهي، جنهن ڪري مريضن کي اسپتالن تائين پهچائڻ به مشڪل بڻجي ويو آهي. واضح هجي ته ساڳئي ڳوٺ ۾2  ڏينهن اڳ هڪ نوجوان پڻ ٻڏي فوت ٿي ويو هو پر ان باوجود انتظاميا پاڻي نيڪال ڪرائڻ لاءِ ڪا اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي.