مدئجي (رپورٽ: معظم ڀٽو ) مدئجي جي ڪچي واري علائقي جهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا برادرين ۾ هلندڙ تڪرار تان ڌرين پاران هڪ ٻئي جي اغوا ڪيل 3 ڄڻن کي پوليس بازياب ڪرائڻ جي دعوي’ ڪئي آهي. ڊي ايس پي سليم مغل ۽ ايس ايچ او نئون امروٽ ميرحسن بلو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوڻيجا ڪلهوڙا برادرين ۾ هلندڙ تڪرار تان ڌرين 3 ڄڻن کي اغوا ڪيو  هو.جن کي باحفاظت هٿ ڪري ورتو آهي.سراج جوڻيجو، شاهد ڪلهوڙو ۽ نينگر ساجد ڪلهوڙو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيوته هر وقت خوف هوندو هو ته اسان کي ماريو ويندو. علائقي جي معززين ۽ پوليس جا ٿورائتا آهيون جن جي ڪوششن سان آزاد ٿيا آهيون.ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوين کي علائقي جي بااثرن جي ٽياڪڙي بعد پوليس حوالي ڪيا ويا آهن.