سانگهڙ (نمائندن وٽان)   بلدياتي اليڪشن ۾ ڪامياب نمائندن ڊسٽرڪٽ هال ۾ حلف کڻي ورتو، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل هال ۾ ڊپٽي ڪمشنر محمد اسحاق گاد ضلعي ڪائونسل سانگهڙ جي نمائندن کان حلف ورتو، جڏهن ته سانگهڙ ضلعي ۾ 632 ميونسپل، ٽائون ڪميٽي ۽ يونين ڪائونسل جي چونڊيل ڪامياب نمائندن حلف کڻي ورتو، سانگهڙ ضلعي ۾ 73 يونين ڪائونسل، 11 ٽائون ڪميٽيون ۽ 4 ميونسپل ڪميٽيون  آهن جنهن جي 632 ڪامياب اميدوارن حلف کنيا، ڪامياب ضلعي ڪائونسل ميمبرن ۾ 51 پاڪستان پيپلزپارٽي، 21 پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جڏهن ته هڪ آزاد ميمبر حلف کنيو. جڏهن ته سانگهڙ ضلعي جي 4 ميونسپل ڪاميٽين سانگهڙ،ٽنڊو آدم، شهدادپور ۽ سنجهورو جي 54 ممبر جنهن ۾ 45 پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ 9 مسلم ليگ فنگشنل جي ڪامياب اميدوارن حف کنيو. جڏهن ته باقي ٽائون ڪاميٽي جي ڪائونسلرز ۽ يونين ڪائونسل جي باقي ميمبرن کان سندس تعلقن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر حلف ورتو.