مٺي (نمائندن وٽان) ٿرپارڪر ضلعي جي ڪل 64 يوسيز جي ضلعي ۽ جنرل ڪائونسلرن، چيئرمينن، نائب چيئرمينن ،  هڪ ميونسپل ڪاميٽي مٺي ۽ 6 ٽائون ڪاميٽين جي چونڊيل  نمائندن پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو، مٺي جي درٻار هال ۾ ڊي سي ٿرپارڪر لعل ڏنو منگي پاران ضلعي ڪائونسل لاءِ چونڊيل ڪل 64  ضلعي ڪائونسلرن مان 61 ڪائونسلرن  کي حلف کڻايو، جڏهن ته 3 ضلعي ڪائونسلر ارباب انعام الله، فقير فيض محمد عرف راجا بلالاڻي ۽ اڪبر علي غير حاضر هجڻ ڪري عهدي جو حلف کڻي نه سگهيا،  تقريب ۾ نامزد ضلعي چيئرمن ڊاڪٽر غلام حيدر سميجو، ارباب رضاءَ الله، سيد فدا حسين شاهه ،  عبدالغني کوسو، ميئن بجير، صوبدار قاسمي اوٺو، ڪامريڊ سورو ڀيل،  سميت چونڊيل ڪائونسلرن توڙي سندن حامين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، هوڏانهن ميونسپل ڪاميٽي، ٽائون ڪاميٽيز ۽ 64 يوسيز جي چونڊيل چيئرمينن، نائب چيئرمنن ۽ جنرل ڪائونسلرن کي سندن  تعلقن جي هيڊ ڪوارٽرز مٺي، اسلام ڪوٽ ، ڏيپلو، ڪلوئي، ڇاڇرو، ننگرپارڪر ۾ لاڳاپيل اسٽنٽ ڪمشنرن پاران تقريبون ڪوٺائي حلف کڻايو ويو، پ پ پ پاران نامزد ڪيل ضلعي ڪائونسل ،  ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽيز تي نامزد اميدوار ريلين جي شڪل ۾ پهچي عهدي جو حلف کڻڻ پهتا ۽ سندن حامين پاران نعري بازي پڻ ڪئي وئي.  هوڏانهن ضلع ڪائونسل جي ميمبرن جي حلف واري تقريب کي ڊي آر او ۽  ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر لعل ڏنو منگي خطاب ڪندي شريڪ سمورن چونڊيل نمائندن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ چيو ته ٿرپارڪر ضلعي ۾ پاڻي جو مسئلو انتهائي اهم آهي جنهن لاءِ هتي به ڪئنال سسٽم هجڻ گهرجي. ٻئي طرف ٿر جي سمورن ميمبرن کي سنڌي بدران اردو زبان ۾ محلف کڻايا ويا.