ڪراچي (نمائندن وٽان) مڇر ڪالوني سانحي خلاف سنڌ ۾ احتجاج جاري، مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ ساڃاهه وندن جا احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا ريليون، حيدرآباد ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي ۽ سنڌ سجاڳي فورم پاران ڪامريڊ غفار چانڊيو، ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري، خدا بخش ٿيٻو، عبدالسميع چانڊيو، غلام مصطفيٰ ڀٽي، امجد رند، پير محمد نوناري ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، سکر ۾ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن جي وڪيلن قربان ڪلوڙ، نورالدين چوھاڻ، قربان بلوچ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، خيرپور ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي شاگردن امجد سرگاڻي، رشيد سنڌي، عاقب شر، ارسلان پنھيار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، مٽياري ۾ عوامي تحريڪ جي سڏ تي ماجد شيدي جي اڳواڻيءَ ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، نوشهرو فيروز ۾ ضلعي بار ايسوسيئيشن نوشهروفيروز پاران امتياز امر ميمڻ، اياز مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ عدالت ٻاهران احتجاج ڪيو ويو، ٻئي پاسي جسقم ڪارڪنن ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف راھوجو ۽ رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، مٺي ۾ قومي عوامي تحريڪ طرفان سبحان بجير، شاهنواز هڱورجو، زاهد اوٺو، دانش پرمار، پرشوتم پرمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ڪوٽڙي ۾ ڄامشورو بار ايسوسيئيشن پاران بار جي صدر راجا جواد علي ساهڙ جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، وارهه ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران عنايت لاشاري، معشوق مرکنڊ، وڪيل اياز کهاوڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، سيراڻي ۾ سياسي، سماجي ڌرين ۽ علائقي واسين حنيف ڏيانگ، اسلم ملاح، قاسم ٻچو، باغي اسماعيل ۽ ٻين جي اڳواڻي۾ احتجاج ڪيو، جروار ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن جاويد بوزدار، فياض بوزدار،  امام الدين بوزدار جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، اڏيرو لال ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سجاد سنڌي، اعجاز خشڪ، فرقان درس، ڪامريڊ علي زرداري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، رپڙيءَ ۾ ڪامريڊ احسان سنڌي، خليل سنڌي، عامر علي پنھور، عنايت الله پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي وئي، ميھڙ ۾ ايس يو پي جي ڪارڪنن سڪندر سوڍر، حاجي خان مارفاڻي، حبيب حضوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، نئون ڳوٺ ۾ ارشاد قريشي، ممتاز سڪندر لاکير، برڪت ڪلھوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌرڻو  هنيو ويو، جاتي ۾ سياسي سماجي اڳواڻن عادل لغاري، عبدالرزاق ٿهيم، ذوالفقار ترڪ ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، چوهڙ جمالي ۾ شاهبندر سجاڳ فورم، سنڌي ادبي سنگت، سوشل ورڪر ٽيم ۽ صحافين پاران مصطفيٰ ميمڻ، ناشاد ملاح، سلطان فاروقي، قربان علي رند، ساگر ميمڻ، شڪيل پارس، شھباز گل ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي، ميرواهه گورچاڻي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگهيو، ڪامريڊ ڪرڙ لٻاري، علڻ گورچاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، سڪرنڊ ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران زوھيب عمراڻي، اويس گبول، مستاق لغاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، پڊعيدن ۾ عوامي تحريڪ پاران عبدالسلام سومرو، راجا ابوپوٽو، بشير ابو پوٽو، محمد هارون ڪلهوڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، ڄام صاحب ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران نسيم پلھه، ابراھيم بگٽي، نوشاد منگي، محمد حسن پلھه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، شھدادپور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي ڪارڪنن آتم ڀيل، صدام کوسو، رئوف باگراڻي ۽ حسن کوسو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻين چيو ته ڪراچي جي مڇر ڪالوني وارو واقعو انسانيت جي توھين آھي، جنھن ۾ ٻن سنڌي ملازمن کي انتھائي بي درديءَ سان پنھنجي ئي ڌرتي تي ننڌڻڪو ڪري ماريو ويو، هنن چيو ته واقعو سنڌين کي ڪراچي ڏانھن اچڻ کان روڪڻ جي گھري سازش آھي، ھنن مطالبو ڪيو ته ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني وڃي.