ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي پوليس جو سرچ آپريشن، ماڙيپور واقعي جي مرڪزي جوابدار سميت وڌيڪ 12 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو، جوابدارن وٽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ ڪري ڪيس ۾ فارين ايڪٽ شامل ڪرڻ جي سفارش، ان ڏس ۾مڇر ڪالوني ۾ ٺٽي ۽ نوشهروفيروز واسي ٽيليڪام ڪمپني جي ٻنهي ملازمن کي مڇريل هجوم طرفان بيدردي سان قتل ڪرڻ واري واقعي جي جاچ جاري آهي، ڪياماڙي پوليس مڇرڪالوني ۾ ٻين هنڌن تي سرچ آپريشن ڪري مرڪزي جوابدار سميت وڌيڪ 12 شڪي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي. پوليس موجب حراست ۾ ورتل جوابدارن مان هڪ جوابدار محمد حسين عرف شرارتي بابا مرڪزي جوابدار آهي، جنهن کي وڊيو ۾ ٻنهي ملازمن تي تشدد ڪندي ڏسي سگھجي ٿو. پوليس موجب حراست ۾ ورتل ٻين جوابدارن ۾ هڪ اڌڙوٽ علي حسن ولد سلطان احمد  آهي، جيڪو وڊيو ۾ ھجوم کي روڪڻ بجاءِ مڇرائيندي نظر اچي ٿو، گرفتار جوابدار کي ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آھي، ٻين جوابدارن کان  به جاچ ڪئي پئي وڃي. ھن وقت تائين ڪيس ۾ 7جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، شڪي گرفتار ٿيل 54 جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪريون پيا. پوليس موجب وڊيو ۾ نظر ايندڙن جو تصويري البم تيار ڪري ورتو آهي، تصويرن جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا جاري آهي. پوليس ذريعن موجب گرفتار ٿيلن مان 13 جوابدارن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ناهن، پوليس اعليٰ اختيارين کان ڪيس ۾ فارن ايڪٽ شامل ڪرڻ لاءِ اجازت گھري ورتي آهي