اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت  پيٽرول جون قيمتون برقرار رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اعلان ڪندي چيو ته پيٽرول، هاءِ اسپيڊ ڊيزل، لائيٽ ڊيزل ۽ گاسليٽ جون قيمتون ايندڙ 15 ڏينهن تائين ساڳيون برقرار رهنديون، هن چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ ڪا به تبديلي نه ٿيندي، ناڻي وزير چيو ته ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرڻ جي آخري تاريخ ۾ مختلف بار ايسوسيئيشنز، واپاري برادري طرفان ٻوڏ جو سبب ڄاڻائي توسيع ڪرڻ جون سفارشون ڪيون ويون آهن، ٽيڪس ريٽرن فائل ڪرڻ جي آخري تاريخ ۾ 30 نومبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي، هن امپورٽيڊ سامان جي ايل سي ۾ وڏي رعايت جو اعلان ڪندي چيو ته 3 مهينن کان ڦاٿل ايل سي ۾ رعايت ڏني وئي آهي، پهريان 50 هزار ڊالر تائين ايل سي کي ڪليئر ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي، هاڻي هڪ لک ڊالر جون ايل سي به پهرين نومبر کان ڪليئر ٿينديون، جنهن سان 1350 ايل سيز فوري ڪليئر ٿي وينديون، پهريان 4350 ايل سيز ڪليئر ڪرائي چڪا آهيون، مجموعي طور تي 8 هزار کان وڌيڪ ايل سيز رڪيل هيون.