ڪراچي (دلچسپ نيوز) سام سنگ پنهنجو سستو ترين 5 جي اسمارٽ فون گليڪسي ايم 42 جي شڪل ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.سام سنگ طرفان هلندڙ مهيني دوران مڊرينج فونز ۾ 5 جي ٽيڪنالاجي فراهم ڪرڻ تي ڪافي ڪيو ويو آهي جهڙوڪ گليڪسي اي 52 ۽ اي 72 فائيو جي ماڊلز.هاڻ هي ڪمپني پنهنجو سستو ترين 5 جي اسمارٽ فون گليڪسي ايم 41 اپريل جي آخر ۾ متعارف ڪرائي رهي آهي.هن فون کي 28 اپريل تي سڀ کان اڳ ڀارت ۾ پيش ڪيو ويندو.ايم سيريز جي ان فون ۾ اموليڊ ڊسپلي ڏيڻ جا امڪان آهن جنهن ۾ فنگر پرنٽ اسڪينر اسڪرين جي اندر لڳل هوندو.فون ۾ اسنيپ ڊراگون 750 جي پراسيسر موجود هوندو.اهڙي طرح 4 جي بي ريم ۽ 64 جي بي اسٽوريج ڏيڻ جا امڪان آهن جنهن ۾ ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگهجي ٿي.فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ هوندو جنهن ۾ مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل ٿي سگهي ٿي.ان کان سواءِ هڪ الٽرا وائيڊ، هڪ ميڪرو ۽ هڪ ڊيٿ سنسنگ ڪيمرا هوندي، جڏهن ته اينڊرائيڊ 11 جي ڀيٽ ون يو آءِ 3.1 سان ڪئي ويندي.ايم سيريز جي هڪ خاص ڳالهه ته هن جي بيٽري طاقتور هوندي آهي ته ان ۾ به 6000 ايم اي ايڇ جي طاقتور بيٽري موجود هوندي پر فاسٽ چارجنگ سپورٽ ڪيتري هوندي اڃا ڪجهه چوڻ ڏکيو آهي.هن فون جي قيمت 40 کان 50 هزار رپيا ٿي سگهي ٿي، جنهن جو دارومدار ريم ۽ اسٽوريج تي هوندو.