لنڊن (دلچسپ نيوز) گم ٿيل رڍ پوليس کي هٿ اچي وئي، هڪ رات جيل ۾ بند ڪرڻ بعد مالڪ حوالي ڪئي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آئرلينڊ ۾ پوليس پاران هڪ انوکي خبر پنهنجي سوشل ميڊيا پيج تي شيئر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملڪ جي هڪ ٻهراڙي واري علائقي ٽپريري ۾ رات جي وقت هڪ رڍ مقامي ماڻهن کي روڊ تي آوارا گردي ڪندي نظر آئي،علائقي واسين جي اطلاع تي پوليس پهچي رڍ کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو. پوليس رات هجڻ سبب رڍ کي کڻي اچي جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو، رڍ سڄي رات جيل ۾ گذاري جڏهن ته پوليس مالڪ جي ڳولا ڪندي رهي صبح مالڪ جيل پهچي ويو ۽ سڃاڻپ ڪرڻ بعد پوليس رڍ سندس حوالي ڪري ڇڏي.