لنڊن (دلچسپ نيوز) ٻارن جي ڊيٽا جمع ۽ استعمال ڪرڻ تي برطانيه ۾ ٽڪ ٽاڪ تي اربين ڊالر جي دعويٰ داخل ڪئي وئي آهي.انگلينڊ ۾ ٻارن جي اڳوڻي ڪمشنر طرفان برطانيه ۽ يورپ جي ان لکين ٻارن طرفان اها دعويٰ داخل ڪئي وئي آهي جنهن ٽڪ ٽاڪ جو استعمال ڪيو. بي بي سي موجب جيڪڏهن اها دعويٰ ڪامياب ٿي وئي ته هر متاثر ٻار کي هزارين ڊالر هرجاڻو ملندو. ٻئي طرف ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته هي ڪيس ميرٽ تي نه آهي ۽ اسان هن ڪيس کي منهن ڏينداسين.رپورٽ موجب درخواست ڏيندڙ وڪيل الزام هنيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ ٻارن جي ذاتي ڄاڻ، خاص ڪري فون نمبر، وڊيو، ڪرنٽ لوڪيشن ۽ بائيو ميٽرڪ ڊيٽا بنا ڪنهن آگاهي ۽ بنا ٻارن ۽ سندن والدين جي مرضي کان سواءِ جمع ڪري رهيو آهي.ان جي جواب ۾ وڊيو شيئرنگ ايپ چيو آهي ته رازداري ۽ ڄاڻ جي حفاظت ٽڪ ٽاڪ جي پهرين ترجيح آهي.