سامارو (ن پ ا) سامارو ۾ بدامني، دڪان مان چوري خلاف شهرين جو مظاهرو، ڌرڻو، خبر موجب سامارو ۾ نامعلوم چور راڻو مل مالھي جي دڪان کي ٽوڙي روڪ رقم ۽ سامان کڻي ويا، واقعي خلاف شھرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي نارائڻ مھيشوري، کيمچند مالھي، امو لک ميگهواڙ، عظيم خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته شھر ۾ چورين جو آزار وڌي ويو آهي، ھر رات چوريون ٿي رھيون آھن، هنن چيو ته ھڪ ھفتي ۾ ڪيتريون ئي چوريون ٿيون آهن، هنن مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.