وارهه (ن پ ا) وارھ شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ منشيات وڪري خلاف  نوجوانن پاران ريلي ڪڍي  فاضل راهو چوڪ  تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين مقصود ميرجت، عاقب ميرجت، عارف چانڊيو، عرفان منان ۽ ٻين چيو ته تعلقي ۾ منشيات سرعام وڪرو ٿي رهي آهي، جنهن سبب نوجوان نسل تباھ ٿي رهيو آھي، پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري منشيات وڪرو بند ڪرايو وڃي.