ميهڙ  (ن پ ا) ميھڙ ۾ وڌندڙ بدامني ، ڦرون ڌاڙن چورين ۽ نالي واري سماج سڌارڪ سنڌو نواز گانگھرو جي ڪار چوري واري واقعي خلافي يوٿ ايڪشن ڪميٽي۔ سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران 17 آڪٽومبر سومر تي ميھڙ انڊس ھاء وي تي ڌرڻي ھڻڻ جو اعلان ڪيو ويو جڏھن تہ ميھڙ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين سنڌو نواز گانگھرو، پي ٽي آء اڳواڻ رائيس ملز ايسوسيئيشن ۽ شھري اتحاد جي اڳواڻ نياز علي ٻرڙو، ايس يو پي اڳواڻ حاجي خان مارفاڻي،عوامي ورڪر پارٽي جي اڳواڻ وقار چانڊيو پاران گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ميھڙ ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگھيو آھي  ميھڙ شھر توڙي آس پاس جي علائقن ۾ ڏوھ روز جو معمول بڻجي ويا آھن جڏھن تہ 18 ڏينھن گذرڻ باوجود به سماج سڌارڪ سنڌو نواز گانگھرو جي راشن ۽ دوائن سان چوري ٿيل ڪار واپس نه ٿي سگھي آھي ھنن چيو ته ميھڙ تعلقي سميت دادو ضلع ۾ وڌندڙ بدامني جو ذميوار ايس ايس پي دادو عرفان سمون آھي پوليس ڏوھارين جي ساٿاري بڻيل آھي ميھڙ ۾ ڦرون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آھن واپارين دڪاندارن توڙي شھرين کي يرغمال بڻائي لکئين روپيا سرعام ڦر ڪيا وڃن ٿا پر ميھڙ پوليس ڪا به ڪاروائي نه ٿي ڪري ھنن گُھر ڪئي تہ ميھڙ ۾ وڌنڌڙ بدامني تي ضابطو آڻي سماج سڌارڪ سنڌو نواز گھانگھرو جي چوري ٿيل ڪار واپس ڪرائي وڃي.