سامارو (ن پ ا) سامارو لڳ راهوآباد جي ڳوٺ ڊاڪٽر قاسم انڙ ۾ انڙ برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار  تان جهيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ سبب عورت زخمي ٿي پئي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف عورت جي والد الهجڙيو انڙ جي فرياد تي سامارو ٿاڻي تي رحيم ڏنو ۽ سلطان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب مامري جي جاچ ڪري رهيا آهيون.