جھول (ن پ ا) جھول ۾ اڳوڻو يوسي چيئرمين  گرفتار، نامعلوم هنڌ منتقل، شهرين پاران ٿاڻي اڳيان ڌرڻو، ان ڏس ۾ يوسي ولي محمد ڪيريو جو اڳوڻو چيئرمين امير علي ڪيريو کي پوليس مبينا طور گرفتار ڪيو، جنهن خلاف سوين شهرين پاران ٿاڻي اڳيان مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، ان موقعي تي مظاهرين نومي ڪيريو، عبدالله ڪيريو ۽ ٻين ٻڌايو ته پوليس بيگناهه امير علي ڪيريو کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي امير علي ڪيريو  کي آزاد ڪيو وڃي.