شھدادڪوٽ ( رپورٽر ) ڳوٺ وڏا سيلرا ۾  25 سال اڳ گرلز  مڊل اسڪول لاءِ پلاٽ ڏيندڙ مالڪ شاھنواز سيلرو ۽ ربنواز سيلرو پاران معاهدي تحت 2 نوڪريون نه ملڻ تي اسڪول کي ٽيون ڀيرو تالالڳائي شاگردياڻين ۽ ماسترياڻين کي اسڪول کان ٻاھر ڪڍي ڇڏيو.شاگردياڻين اسڪول کي تالا لڳائڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، شاگردياڻين تعليم کاتي جي صوبائي وزير سميت ڪمشنر لاڙڪاڻو ۽ ڊپٽي ڪمشنر قمبرشھدادڪوٽ کان گرلز مڊل اسڪول جلد کولي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.