ڪراچي: سنڌ ڪابينا  تعليم کاتي جي سفارش تي رٽائرڊ ڊائريڪٽر اسڪولز سيد رسول بخش شاهه کي سنڌ ٽيچرز ايجوڪيشن ڊولپمينٽ اٿارٽي (اسٽيڊا)  جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪابينا پاران الڪوٿر يونيورسٽي جي چارٽر جي منظوري پڻ ڏني وئي، ڪابينا  شهيد ذوالفقار علي ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي ( زيبسٽ)  جو درجو وڌائي يونيورسٽي ڪرڻ وارو بل منظور ڪري ڇڏيو، اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي سفارش تي طفيل احمد کي ٽرانس ڪراچي جو سي اي او مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.