ڪراچي: ناڻي کاتي پاران بجيٽ مينوئل مينيجمينٽ متعارف ڪرايو ويو. ان حوالي سان وڏي وزير مراد شاهه ڪابينا کي ٻڌايو ته 1955ع ۾ بجيٽ مينول جاري ڪيو ويو. انهي کانپوءِ  عوامي مالياتي انتظام خاص طور تي سرڪاري شعبي ۾ بجيٽ جي اصولن، طريقن ۽ قسمن ۾ ڪيتريون ئي ترقيون ٿيون آهن. ان ڏس ۾ بجيٽ مينوئل کي ترقي، بهتري، معيار ۽ اپڊيٽ ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو،  ڪابينا نئين مينوئل جي منظوري ڏئي ڇڏي.