لاهور (م ڊ) نواز ليگ جي سينيئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان کي اڳواڻ چوڻ سياسي ڪارڪنن جي جدوجهد جي تذليل ٿيندي. مريم نواز ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن زمان پارڪ ۾ صرف هڪ عورت موجود آهي ته پوليس تي گوليون ۽ پيٽرول بم ڪير وسائي رهيو آهي. ڪوڙ ڳالهائڻ کان اڳ سوچڻ گهرجي. مريم نواز هڪ وڊيو شيئر ڪيو، جنهن ۾ زمان پارڪ جي اندران پوليس تي پيٽرول بم اڇلايو پيو وڃي، مريم نواز وڊيو شيئر ڪندي لکيو ته هي هڪ دهشتگرد جماعت آهي، جنهن جي سربراهه قانون ۽ سزا کان بچڻ لاءِ پنهنجي گهر ۾ دهشتگرد ويهاريا آهن، عمران خان کي گرفتاري کان وڌيڪ پنهنجي مڪروهه عملن جو خوف آهي. سياستدان بهادر هوندا آهن، گرفتاري ۽ احتساب کان ناهن ڊڄندا، گرفتاري ۽ احتساب کان صرف چور، ڦورو ۽ دهشتگرد ڊڄندا آهن. مريم نواز وڌيڪ چيو ته عمران خان کي آڻڻ وارا پنهنجي بدترين انجام تي پهچندا. هنن جي سياست به رسوائي سان پڄاڻي طرف وڌي رهي آهي، هاڻ خبر پئي ته جڏهن کان هن دهشتگرد عمران خان کي زبردستي سياست ۾ آندو ويو تڏهن کان ملڪ فتني ۽ ڏڦيڙ جو شڪار ڇو ٿيو آهي. پي ٽي آءِ هڪ دهشتگرد پارٽي آهي، جنهن جي اڳواڻ قانون ۽ سزا کان بچڻ لاءِ شرپسند ۽ تربيت يافته دهشتگرد پنهنجي گهر ۾ رکيا آهن. مريم نواز چيو ته پاڪستان ۾ سياسي اڳواڻن ۽ سياسي پارٽين هميشه هٿين خالي جدوجهد ڪئي آهي ۽ قربانيون ڏنيون آهن. پي ٽي آءِ کي سياسي پارٽي چوڻ يا عمران خان کي سياسي اڳواڻ چوڻ، ڪيترن ڏهاڪن تي پکڙيل سياسي ڪارڪنن جي جدوجهد جي تذليل هوندي.