ٽنڊوڄام( ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي آفيسرن جي هڪ دڙي پاران يونيورسٽي جي مالي خساري جي جواز ڄاڻائي آفيسرن کي حڪومت پاران وڌايل پگهار ٽي مهينا گذرڻ باوجود نه ڏيڻ تي پرامن احتجاج هلائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، آفيسرن هڪ دڙي رياست علي ڪٻر جي صدارت ۾ گڏجاڻي ڪئي، گڏجاڻي ۾ غلام حيدر جويو، محمد اشرف رستماڻي، ممتاز علي جکرو، عبدالقادر چانڊيو، عباس علي ٻٻر، خالد حسين تنيو، رضوان سومرو“ غلام عمر دستي ۽ٻين شرڪت ڪئي، هنن اعلان ڪيو ته يونيورسٽي جي آفيسرن جون وڌيل پگهارون، ٽائيم اسڪيل ۽ سليڪشن بورڊ سڏائي رهيل پروموشن جلد ڏنا وڃن، آفيسرن جي ليوانڪيشمينٽ، ٽيليفون الائونس سميت سڀ رهتون ادا ڪيون وڃن، آفيسرن جي گڏجاڻي ۾ هڪ ايڪشن ڪميٽي جوڙي  مرحليوار تحريڪ شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، سنڌ زرعي يونيورسٽي جي پروفيسر ڊاڪٽر ظهور حسين سومرو چيئرمين ۽ غلا حيدر جويو  سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، هوڏان سنڌ زرعي يونيورسٽي جي چونڊيل آفيسرس ايسوسيئشن پاران پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سنڌ زرعي يونيورسٽي جي آفيسرس ايسوسئيشن جي چونڊيل باڊي چند مفاد پرستن جي هٿٺوڪي جوائنٽ فورم کي رد ٿي ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندن جي اداري کي نقصان رسائڻ واري عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي،جاري ڪيل پڌرائي ۾ سنڌ زرعي يونيورسٽي جي آفيسرس ايسوسئيشن جي چونڊيل باڊي جي صدر منظور حسين لاکير ۽ جنرل سيڪريٽري نصرت علي چانڊيو  ڄاڻايو آھي ته ڪجه ماڻهن غير چونڊيل ماڻهن پنهنجا مفاد ماڻڻ لاء آفيسرس ايسوسئيشن جو نالو استعمال ڪندي هڪ هٿٺوڪي جوائنٽ ڪاميٽي تشڪيل ڏني آھي جنهن سان سنڌ زرعي يونيورسٽي آفيسرس ايسوسئيشن جو ڪوبه تعلق ناهي  هو  ان ڪاميٽي کي جعلي سمجهن ٿا