ڄامشورو(رپورٽر) سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگرد تنظيمن جي گڏيل اتحاد “شاگرد جدوجھد اتحاد” طرفان مطالب جي مڃتا لاءِ سينٽرل لائبريري کان ريلي ڪڍي وائيس چانسلر آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ريلي جي اڳواڻي راشد زرداري، امر آڪاش، جانب وساڻ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٻوڏ سبب سموري سنڌ متاثر ٿي آهي اسان جا گهر لڙهي ويا آهن انهيءَ ڪري ٻوڏ متاثر علائقن جي شاگردن جي في معاف ڪئي وڃي، هنن جو چوڻ هو ته بلاڪ هاسٽل مان پوليس کي نيڪالي ڏئي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ گهٽتائي ڪري شاگردن کي رليف ڏنو وڃي، ماروي هاسٽل ۾ مرد اسٽاف ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي شاگردياڻين کي پريشان ڪندا رهن ٿا، انهن کي به هاسٽل مان نيڪالي ڏني وڃي، هنن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي مک ڪيمپس توڙي هاسٽل ۾ وائي فائي جي سهولت ڏني وڃي، ڪيمپس توڙي هاسٽل ۾ کاڌي پيتي جو معيار بهتر بڻايو وڃي، بوائز ۽ گرلس هاسٽل تي ڊسپينسري کي بحال ڪري ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن، جامشورو گرلز پروٽيڪشن ڪائونسل جوڙي شاگردياڻين سان ٿيندڙ حراسمينٽ خلاف سگهارا قدم کنيا وڃن، شاگردن پاران ڌرڻو مسلسل ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهيو. جنهن کان بعد سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر صديق ڪلهوڙو شاگردن سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ ڌرڻي ۾ پهتو. وي سي سنڌ يونيورسٽي شاگرد اڳواڻن سان ڳالهيون ڪيون جيڪي ناڪام ٿيون، جنهن بعد شاگرد اڳواڻن انتظامیہ کي چتاءُ ڏنو تہ جيستائين اسان جا سمورا مطالبا نٿا مڃيا وڃن، تيستائين اسان جي تحريڪ جاري رهندي.