اسلام آباد (بيورو رپورٽ) تحريڪ انصاف  پنهنجي قومي اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي مرحليوار منظوري عدالت ۾ چئلنج ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف اڳواڻ اسد عمر 11 اسيمبلي ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري خلاف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ آئين جي آرٽيڪل 199 تحت آئيني درخواست داخل ڪرائي. اسد عمر پنهنجي درخواست ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ڌر بڻايو آهي. قومي اسيمبلي اسپيڪر خلاف درخواست ۾ اٿارٽي ليٽر نه هجڻ تي هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار اعتراض لڳايو، درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي ته اليڪشن ڪميشن کي سڀني 123 پي ٽي آءِ ميمبرن کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. درخواستگذار موجب اليڪشن ڪميشن کي سڀئي سيٽون گڏ خالي قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو وڃي، حڪومتي فائدي لاءِ اليڪشن ڪميشن مرحليوار سيٽون خالي نٿي ڪري سگهي. اسد عمر درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت قرار ڏئي ته قومي اسيمبلي جو موجوده اسپيڪر منظور ٿيل استعيفائن ۾ دير ڪرڻ جو اختيار نٿو رکي، اهي استعيفائون اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري منظور ڪري ڇڏيون هيون. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 64 اسپيڪر کي پابند ٿو ڪري ته هو استعيفائون ملڻ تي معاملو اليڪشن ڪميشن کي موڪلي، ميڊيا جي موجودگي ۾ ميمبر جي اسپيڪر کي ڏنل استعيفا واپس نٿي ٿي سگهي.