ڪراچي (م ڊ) تحريڪ انصاف جي پرڏيهي فنڊنگ بابت خبر ڏيندڙ برطانوي اخبار فنانشل ٽائيم جي صحافي سائمن ڪلارڪ چيو آهي ته خيراتي ميچز لاءِ چندو ڏيندڙن کي خبر ئي نه هئي ته پيسا خيرات بدران تحريڪ انصاف هڪ سياسي پارٽي کي مليا آهن. جيو ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي برطانوي صحافي چيو ته مون وٽ جيڪي ثبوت آهن، اهي اليڪشن ڪميشن کي ڏنا ويا آهن، عارف نقوي جو حلفي بيان ۽ تحريڪ انصاف جي موقف جي نفي ڪريان ٿو، هن چيو ته آئون ساڍن 4 سالن کان عارف نقوي بابت تحقيقات ڪري رهيو آهيان، عارف نقوي خلاف سازش جا ثبوت ناهن ڏٺا پر ابراج گروپ ۾ مالي بي ضابطگين جا بي پناهه ثبوت ڏٺا آهن، برطانوي صحافي چيو ته 22 ورهين کان صحافت ڪري رهيا آهيون ۽ ان دوران اهڙي صورتحال ڪنهن ڪمپني جي ناهي ڏٺي، اسپتال ٺاهڻ لاءِ فنڊ گڏ ڪيا ويا پر ان رقم کي ٻين ڪمن لاءِ استعمال ڪيو ويو، هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف ۽ شهبازشريف کي پيسا ڏيڻ بابت اي ميلز ڏٺيون پر رقم منتقلي جا ثبوت ناهن.