رپڙي (رپورٽ: خواجه نياز محمد) رپڙي ڀرسان ڦُلو ٿاڻي جي حد ۾ نوجوان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش، دانهن تي ڳوٺاڻن پھچي اغوا کان بچائي ٻن جوابدارن کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، نوجوان زخمي، ڪيس داخل نه ڪيو ويو، ميڊيا ٽيم جي سامھون ايس ايچ او بھارو پاران فريادي ڌر تي راڄوڻيءَ لاءِ دٻاءُ. رپورٽ موجب رپڙيءَ ڀرسان ڳوٺ عبدالله جوڌ واسي 20 سالن جي عبدالوحيد جوڌ جي وارثن علي نواز، غوث بخش، محمد ابراهيم محرم علي، غلام حيدر، علي حسن، خير محمد جوڌ ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيو ته گذريل رات نوجوان عبدالوحيد بھارو کان ڳوٺ طرف اچي رھيو ھو ته تاڙ ۾ ويٺل ٽن ھٿياربندن کيس قتل جي ارادي سان اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. دانهن تي ڳوٺاڻن پھچي نوجوان کي ڇڏائي ورتو ۽ ٻن جوابدارن قائم ۽ اسماعيل جوڌ کي سوگهو ڪري ورتو، جن کي بعد ۾ بهارو پوليس حوالي ڪيو ويو آهي. هنن ٻڌايو ته ڄاڻايل نوجوان جي ٻن هفتن بعد شادي جي تاريخ طئي ٿيل ھئي، مخالفن کي رشتي تي اعتراض ھئا، اهي نوجوان کي قتل ڪرڻ پيا چاهين. مظاھرين ايس پي خيرپور ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف جڏهن ميڊيا جي ٽيم پوليس کان معلومات وٺڻ لاءِ پھتي ته ايس ايچ او بھارو عبدالرزاق ٿيٻو ميڊيڪل لاءِ ليٽر کان انڪار ڪندي فريادي ڌر کي راڄوڻي لاءِ داٻا ڏئي رھيو ھو.