ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ٽيليويزن جي جنرل مئنيجر امجد شاهه چيو آهي ته ميڊيا مالڪ ۽ صحافي اهي خبرون نشر  ۽ شايع ڪن ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن کي برساتن ۽ موسمي تبديلين ڪري ايندڙ آفتن کان اڳ آگاهه ڪري سگهجي ان لاءِ صحافين کي موسمي تبديلين ۽ ان جي نقصانن ۽ بچاءُ بابت تربيت ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. هن اهڙو اظهار ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي ۽ ڪراچي پريس ڪلب جي گڏيل سهڪار سان موسمي تبديلي تي صحافين جي رپورٽنگ جي موضوع تي صحافين جي تربيتي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو. چيف ميٽرولاجسٽ پاڪستان سردار سرفراز چيو ته سنڌ ۾ هڪ رپورٽ موجب 70 سيڪڙو گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو نظام موجود ناهي ۽ 30 سيڪڙو موجود گٽرن جي خراب حالت آهي. هن چيو ته پاڪستان عالمي موسمياتي تبديلي ۽ ان جي خطرن جي اثر هيٺ آهي ۽ اسان وٽ ان کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪا وڏي تياري ناهي ۽ ان حوالي سان ميڊيا به ان کي پوري اهميت نٿي ڏئي. هن وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلين کي روڪڻ ۽ ان جي نقصانن کان بچڻ لاءِ وڏي پيماني تي وڻ پوکيا وڃن، ڪوئلي ۽ ٻارڻ جو استعمال گهٽائي سولر سسٽم مان بجلي پيدا ڪئي وڃي، گهرن ۾ بجلي جو هڪ بٽڻ به کليل هوندو ته ان جو به موسمياتي تبديلي لاءِ ماحول پيدا ڪندو ڪندڙ آهي. ان موقعي تي پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ جي آپريشن مئنيجر محمد ساجد، ارم اياز پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد، حامد خان، ذوالفقار راڄپر ۽ قمر رضوي موجود هئا. پروگرام ۾ ٽريننگ پروگرام ۾ شامل صحافين کي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا.