ريتي (ن پ ا) ريتيءَ ويجھو افسوسناڪ حادثو، ٽريڪٽر ڪنٽرول مان نڪري کاھيءَ ۾ ڪِري پيو، نوجوان  ڊرائيور فوت ٿي ويو. خبر موجب ڳوٺ حافظ جندو چاچڙ جو رهواسي 20 ورھين جو نوجوان مير حسن ڀٽو ٽريڪٽر ڪاهي پنھنجي زرعي زمين کان گھر طرف وڃي رھيو ھو ته ٽريڪٽر اوچتو ڪنٽرول مان نڪري کاھيءَ ۾ ڪِري پيو، جنهن جي نتيجي ۾ هو سخت زخمي ٿي پيو. نوجوان کي فوري طور اسپتال نيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ فوت ٿي ويو. نوجوان جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.