لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو خيرپور پل تي تيز رفتار ڪار جو موٽرسائيڪل سان آمهون سامهون ٽڪر جي نتيجي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ ٻانهون خان واسي 12 ورهين جو شفقت  پٽ اختيار ۽ سندس پڦاٽ 14 ورهين جو حاجي پٺاڻ پٽ نظير جتوئي سخت زخمي ٿي پيا،پوليس ڪار تحويل ۾ وٺي ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ بعد علائقي واسين جي مدد سان ٻنهي نينگرن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال پهچايو، جتي نينگر شفقت جتوئي زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.وارثن ٻڌايو ته اسان جا نينگر موٽرسائيڪل تي پنهنجي ڳوٺ اچي رهيا هئا ته لاڙڪاڻو – خيرپور پل روڊ تي حادثو پيش آيو.هوڏانهن ضروري ڪاروائي بعد نينگر جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.مڙهه گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.