ريتي (ن پ ا) ريتيءَ ويجهو ٽريڪٽر ٽراليءَ جي ٽڪر ۾ پهرين ڪلاس جو شاگرد فوت، ٻيو ڀاءُ ۽ ڀيڻ زخمي. تفصيل موجب ريتيءَ جي پرائيويٽ اسڪول ۾پڙهندڙ ڀاءُ ڀيڻ موٽر سائيڪل تي واپس گهر وڃي رهيا هئا ته ماروالا روڊ تي ٽريڪٽر ٽرالي جي ٽڪر لڳڻ سبب ستن سالن جو معصوم حسن ولد محمد علي چاچڙ موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سندس هڪ ڀيڻ ام رباب ۽ ڀاءُ يوسف چاچڙ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علاج لاءِ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي. گلن جهڙي ٻارڙي جو لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻارڙي جي امڙ صدمي ۾ بيهوش ٿي وئي. ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي ريتي ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته  وارثن پاران واقعي جي ڪابه رپورٽ نه لکرائي آهي.