خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ: ارشاد کوسو) خيرپورناٿن شاهه شادي ۾ فائرنگ دوران مارجي ويل نينگر جو ڪيس گهوٽ جي ڀاءُ ۽ سئوٽن تي داخل، گرفتاري نه ٿي سگهي، ان ڏس ۾  ڳوٺ ماڻو خان گاڏهي ۾ گذريل ڏينهن جابر ولد آدم گاڏهي جي شادي دوران فائرنگ ۾ مارجي ويل ڳوٺ مراد گاڏهي جو رهواسي 16 ورهين جو گونگو صدر گاڏهي جي والد محمد حسن گاڏهي جي فرياد تي خيرپورناٿن شاهه ٿاڻي تي گهوٽ جي ڀاءُ   مسلم گاڏهي ، سئوٽ ساجد علي ۽ مجيد گاڏهي سميت هڪ نامعلوم جوابدار مٿان قتل جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته مٿيان جوابدار اسان کي جهليندا هيا ته اسان جي ڳوٺ نه اچو، منهنجي ڌيءُ ان ڳوٺ ماڻو خان ۾ ڏنل آهي، منهنجو پٽ پنهنجي ڀيڻ کان ٿي واپس ڳوٺ اچي رهيو هيو ته ان کي گولي هڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، ٻي طرف  پوليس موجب ته  جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا آهن اڃا تائين جوابدار گرفتار ناهن ٿي سگهيا.