روهڙي (ن پ ا ) روهڙي جي علائقي رجب دايو بجلي جي تارن مان احمد الدين ڪوري جي گهر کي باهه لڳڻ سبب ٻڪريون، ڪڪڙيون، هنڌ،کٽون ۽ بسترن سميت گھر ۾ موجود سمورو الهه تلهه سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو. ان سلسلي ۾ متاثر احمد الدين ڪوري صحافين آڏو دانهيندي ٻڌايو ته گهر کي لڳل باهه جو بروقت روهڙي فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو ويو پر عملي فائربرگيڊ خراب هجڻ جو جواز ڄاڻائي فائربرگيڊ نه موڪلي فائربرگيڊ نه پهچڻ ڪري گهر ۾ڌاريل 2ٻڪريون،ڪڪڙيون،موٽر سائيڪل،واشنگ مشين،سولر پليٽون،هنڌ کٽن سميت لکين روپين جو سامان سڙي رک جو ڍير بڻجي ويو آهي.