سعوي عرب ۽ پاڪستان جي 70 سال پراڻي دوستي

0
579

سعودي عرب (جاويد راهو) سعوي عرب ۽ پاڪستان جي دوستي 70 سال پراڻي آهي، سعودي عملدارن طرفان 1953 ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ قيادت جي سطح تي پهرين ملاقات جي موقعي تي تاريخي ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪري لازوال دوستي ۽ واسطن کي اجاڳر ڪيو هو، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لازوال دوستي ستر سالن تي ٻڌل آهي، هي دوستي گڏيل تعاون ۽ هميشه برابري جي تعلق جي بنياد تي رهي، وزيراعظم عمران خان جي سعودي دوري تي سعودي عملدارن طرفان ستر سال اڳ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي پهرين ملاقات جي موقعي تي مناسبت سان جاري رهندڙ ٻه تاريخي ڊاڪ ٽڪيٽ جاري ڪيا ويا جيڪو ٻنهي ملڪن جي تاريخي ۽ مضبوط دوستي جو چٽو ثبوت آهي.