گپچاڻي (ن پ ا) گپچاڻي ڀرسان ڳوٺ شھيد ميرحسن کوسو جو رھواسي مسلم ليگ نواز شھيد بينظيرآباد ڊويزن جو صدر ايڊووڪيٽ عبدالحفيظ کوسي کي پوليس پڇا ڳاڇا بھاني اڻي تي وٺي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عبدالحفيظ کوسي جي ڀاءُ سيشن جج شھيد بينظيرآباد جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ته سندس ڀاءُ کي گپچاڻي جي ايس ايچ او بنا جواز گرفتار ڪيو آھي، جنهن بعد جوڊيشنل ميجسٽريٽ گپچاڻي ٿاڻي تي پهچي کيس آزاد ڪرايو ۽ ايس ايچ او گپچاڻي کي اڄ رڪارڊ سميت عدالت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو، هوڏانهن ايڊووڪيٽ عبدالحفيظ کوسو ٻڌايو ته ايس ايچ او بنا جواز 5 ڪلاڪ ٿاڻي تي گرفتار ڪري ويهاري ڇڏيو، ٻي ٻي پاسي ايس ايچ او ٻڌايو ته عبدالحفيظ وارن جو پنھنجي سوٽن سان زميني مامرو هلي رهيو هو، مون کيس گرفتار ناهي ڪيو، عبدالحفيظ ٿاڻي تي پاڻ ويهي ڊرامون ڪيو آهي.