پڊعيدن (ن پ ا) پڊعيدن لڳ ڳوٺ نيباهو راڄپر ڊار ۾ استاد غلام مصطفيٰ سولنگي جي گهر ۾ رات دير سان چور داخل ٿيا ته ڀاڳيا سجاگ ٿي پيا، چورن ۽ ڀاڳين وچ ۾ فائرنگ سبب گوليون لڳڻ سبب 2 چور زخمي ٿي پيا، جن کي ڀاڳين سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، گرفتار ٿيل چورن جي سڃاڻپ آصف مگسي ۽ ڪاشف مگسي طور ٿي آهي، پوليس زخمي چورن کي اسپتال پهچايو، ٻي طرف غلام مصطفي سولنگي ٻڌايو ته گھر ۾ چور ڏسي مزاحمت ڪئي، جنهن تي چورن اسان تي فائرنگ ڪئي، جوابي فائرنگ ۾ چورن کي گوليون لڳيون ۽ اسان کين پڪڙي ورتو.