اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل قرار ڏنو آهي ته روزي ۾ ويڪسين لڳرائي سگهجي ٿي، فصيل موجب اسلامي نظريارتي ڪائونسل جو 223هون اجلاس اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز جي صدارت ۾ ٿيو، اجلاس ۾ شعيب سڊل جي سربراهي ۾ قائم ڪميشن جي نصاب بابت ڏنل رپورٽ تي غور ڪيو ويو، فيصلو ڪيو ويو ته ان رپورٽ تي وڌيڪ غور لاءِ تعليم وزارت کي وقت ڏيڻ بابت خط لکيو ويندو، اسلامي نظرياتي ڪائونسل شعيب سڊل جي سربراهي ۾ قائم ڪميشن جي رپورٽ کي رد ڪندي چيو آهي ته ان ڪميشن جي رپورٽ اندر تضاد آهن ۽ 1973ع جي آئين جي ڪيترين ئي شقن سان به اها رپورٽ هم آهنگ ناهي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل قرار ڏنو ته روزي جي حالت ۾ ويڪسين لڳرائي سگهجي ٿي، ان سان روزو نه ٽٽندو، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاران اسلامي نظرياتي ڪائونسل کي ڏنل 70 موضوعن تي ڪائونسل ڪم ڪندي، اجلاس ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ڪوورنا جي ٽئين لهر دوران عوام کي اپيل ڪئي آهي ته عوام حڪومت پاران جاري ڪيل ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، جڏهن ته عوام کي ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرائڻ جي اپيل ڪندڙ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين سوڌو اڪثر ميمبرن پاران اجلاس دوران ماسڪ پائڻ واري پاليسي کي پاڻ ئي نظر انداز ڪري ڇڏيو، صحافين جي نشاندهي کان پوءِ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چيئرمين قبله اياز ماسڪ پاتو، جڏهن ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اجلاس کان پوءِ ٿيل پريس ڪانفرنس ۾ سماجي فاصلي جي پابندي کي بلڪل نظر انداز ڪيو ويو، ڪائونسل جي ميمبرن جي اعزاز ۾ ماني جو به بندوبست به ڪيو ويو.