قاضي احمد (ن پ ا) قاضي احمد لڳ ڳوٺ پير نظر محمد شاهه ۾ گوليون هڻي نوجوان قتل، قاضي احمد لڳ ناصري پوليس ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ پير نظر محمد ۾ لاکا برادري جي ٻن ڌرين ويجهن عزيزن ۾ گھرو تڪرار تان 30 ورھين جو نوجوان مزار لاکو کي جوابدارن گوليون هڻي زخمي ڪري وڌو جنھن کي زخمي حالت ۾ قاضي احمد اسپتال پھچايو ويو جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه ريفر ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، جنهن بعد لاش قاضي احمد اسپتال ٻيھر آندو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، ھر اک آلي ٿي وئي. ھوڏانهن ناصري پوليس قتل واري واقعي ۾ ملوث جوابدار اياز لاکو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي ٻئي طرف مقتول جي وارثن جو چوڻ آھي ته کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو آھي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ايس ايچ او ناصري موجب جوابدار اياز لاکو آڏي پڇا بعد ٻڌايو ته مزار لاکو مون کي ڏسي کهڪرون ڪندو هو ۽ ٿڪون ڦٽي ڪندو هو تنهن ڪري مون ڪاوڙ ۾ اچي هن کي قتل ڪيو.