ڪراچي: پاڪستان جي پورٽ اينڊ شپنگ واري وفاقي وزير علي زيدي چيو آهي ته اين اي 249 ۾ ننڍي اليڪشن هجڻ سبب آئون تڪ ۾ نه ويس ۽ نه ئي ڪا ڳالهه ڪئي، پوءِ به نواز ليگ جي اميدوار مفتاح اسماعيل مون تي ڪرپشن ۽ ٽيڪس چوري جا ڪوڙا الزام هنيا آهن، مون کيس ليگل نوٽيس موڪليو آهي، هن وٽ منهنجي خلاف ڪو ثبوت آهي ته عوام آڏو آڻي، مون وٽ به سندس ٽيڪس چوري سميت ٻيا ڪيترائي ثبوت موجود آهن، ڪالهه انصاف هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته پ پ 13 سالن کان اين اي 249 ۾ ڪجهه ناهي ڪيو، هاڻي اليڪشن کي ڏسندي سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن، اتي پائيپ لائين ته وڇائي وئي آهي پر پاڻي به ته ڏنو وڃي، هن چيو ته پي ايس پي آفيس سامهون فائرنگ ٿي، ڪارڪن جذباتي هوندا آهن پر اڳواڻ انهن تي ضابطو آڻيندا آهن پر پي ايس پي قيادت خاموشي سان تماشو ڏسي رهي، هن چيو ته اسان مصطفيٰ ڪمال جو ماضي به ڄاڻون ٿا، هن ته عام چونڊن ۾ به وڏيون دعوائون ڪيون هيون پر عوام کيس رد ڪري ڇڏيو، هن چيو ته ڪراچي کي ٻيهر دهشتگردي جي ور چڙهڻ نه ڏينداسين.