اسلام آباد: ربيع جي سيزن لاءِ لڳايل پاڻي ڪاٿو غلط ثابت، ارسا ربيع ۾ سنڌ ٻين صوبن کان وڌيڪ پاڻي کوٽ کي برداشت ڪرڻ جو اعتراف ڪري ورتو، ارسا چيئرمين جي صدارت ۾ ٿيل ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ 31 مارچ تي مڪمل ٿيل ربيع سيزن جي جائزي دوران ارسا اعتراف ڪندي اجلاس کي ٻڌايو ته ربيع سيزن دوران پنجاب صوبي کي حصي کان 12 سيڪڙو پاڻي گهٽ مليو، جڏهن ته خيبر پختونخوا کي حصي کان 19 سيڪڙو، سنڌ صوبي کي حصي کان 20 سيڪڙو پاڻي گهٽ مليو آهي، بلوچستان کي حصي کان 4 سيڪڙو وڌيڪ پاڻي مليو، ارسا پاران اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ربيع سيزن دوران پنجاب جو پاڻي حصو 19.85 ايم اي ايف هو، پنجاب کي 17.42 ايم اي ايف پاڻي مليو، سنڌ جو حصو 14.97 ايم اي ايف هو پر سنڌ کي 12.01 ايم اي ايف پاڻي مليو، بلوچستان کي 1.17 ايم اي ايف حصي جي مقابلي ۾ 1.22ايم اي ايف پاڻي ڏنو ويو، خيبر پختونخوا صوبي کي 0.70 ايم اي ايف پاڻي جي مقابلي ۾ 0.57 ايم اي ايف پاڻي ملي سگهيو. ذريعن مطابق اجلاس دوران انڪشاف ڪندي ٻڌايو ويو ته ربيع لاءِ مجموعي طور تي لڳايل ڪاٿي کان 10 سيڪڙو پاڻي گهٽ دستياب ٿيو، انڊس زون ۾ لڳايل ڪاٿي کان اضافي 3 سيڪڙو پاڻي آيو، جڏهن ته ڪابل ۾ لڳايل ڪاٿي کان 28 سيڪڙو گهٽ پاڻي آيو، جهلم ۾ 5 سيڪڙو، چناب ۾ 20 سيڪڙو ۽ اي آر ڪمپوننٽ ۾ 24 سيڪڙو ڪاٿي کان گهٽ پاڻي آيو، مجموعي طور تي ارسا پاران ربيع سيزن دوران پاڻي جي موجودگي جو ڪاٿو 23.44 ايم اي ايف لڳايو ويو هو پر پاڻي 10 سيڪڙو گهٽ 21.14 ايم اي ايف پاڻي ربيع سيزن دوران دستياب ٿي سگهيو.