اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي سنڌ صوبي جا اعتراض رد ڪندي خريف دوران 1991ع جي پاڻي ٺاهه بدران تڪراري ٽه رخي فارمولي تحت پاڻي جي ورڇ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان ۽ وفاق جي ميمبرن حمايت ۽ سنڌ مخالفت ۽ احتجاج ڪيو، آڳاٽي خريف سيزن دوران 10 سيڪڙو ۽ پاڇاٽي خريف سيزن دوران 4 سيڪڙو پاڻي کوٽ جو اعلان ڪيو ويو آهي. انڊس رورس سسٽم اٿارٽي (ارسا) جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جو اجلاس پنجاب مان مقرر ارسا ميمبر ۽ چيئرمين رائو ارشاد علي خان جي صدارت ۾ ٿيو، سنڌ جي ميمبر انجنيئر زاهد حسين جوڻيجو، بلوچستان جي عبدالحميد مينگل، خيبر پختونخوا جي زاهد عباس، وفاق جي اسجد امتياز علي شرڪت ڪئي. سنڌ جو چيف انجنيئر ظهير اقبال کيڙو، آبپاشي کاتي سنڌ جو ايڊيشنل سيڪريٽري محمد ايوب سومرو ۽ پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان جا آبپاشي ۽ زراعت کاتن جا عملدار وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. پهرين اپريل کان شروع ٿيل خريف سيزن دوران صوبن وچ ۾ پاڻي ورڇ لاءِ ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي سفارشن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر ۽ نمائندن خريف دوران پاڻي جي ورڇ 1991ع جي پاڻي ٺاهه جي پيرا 2 تحت ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن جي پنجاب سان تعلق رکندڙ ارسا چيئرمين مخالفت ڪندي چيو ته سنڌ جو اهو مامرو سي سي آءِ ۾ غور هيٺ آهي، جنهن ڪري پاڻي ورڇ ٽه رخي فارمولي تحت ٿيندي. سنڌ جي مخالفت ۽ اعتراضن باوجود ارسا پنهنجي ماضي جي هوڏ کي جاري رکندي اڪثريت راءِ سان ٽه رخي فارمولي تحت خريف سيزن دوران پاڻي جي ورڇ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جي بلوچستان، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ وفاق جي نمائندي حمايت ڪئي. ائين اڪثريت راءِ سان پاڻي ورڇ جي منظوري ڏني وئي. ارسا ترجمان ٻڌايو ته خريف دوران مجموعي طور تي 108.745 ايم اي ايف (ملين ايڪڙ فوٽ) پاڻي دستياب هوندو، 10.495 ايم اي ايف پاڻي جي کوٽ ٿيندي، سسٽم لاسز جو ڪاٿو 15.150 ايم اي ايف هوندو. انڊس زون ۾ آڳاٽي خريف دوران پاڻي نقصان جو ڪاٿو 35 سيڪڙو ۽ پاڇاٽي دوران 15 سيڪڙو ڪاٿي جي منظوري ڏني وئي. جي سي زون ۾ آڳاٽي خريف دوران 10 سيڪڙو ۽ پاڇاٽي خريف دوران زيرو سسٽم لاسز هوندا، انڊس زون ۾ پاڇاٽي خريف دوران نقصان کي رڳو 15 سيڪڙو تسليم ڪرڻ سان سنڌ صوبي لاءِ پاڻي کوٽ وڌڻ جو امڪان آهي. سنڌ جي ميمبر انجينئر زاهد جوڻيجي چيو آهي ته 72ع کان 96ع تائين انڊس زون ۾ پاڻي نقصانن جو ڪاٿو 35 سيڪڙو تائين رهيو آهي، 15 سيڪڙو جو ڪاٿو درست ناهي، گهٽ ۾ گهٽ ڪاٿو 30 سيڪڙو هجڻ گهرجي، جنهن بعد انڊس زون ۾ پاڻي نقصان جي جائزي لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جنهن ۾فيڊرل فلڊ ڪميشن توڙي سنڌ مان به ميمبر مقرر ٿيندا. ارسا ترجمان مطابق ڪاميٽي منٽس کانپوءِ قائم ٿيندي، جڏهن ته خريف توڙي ٻوڏ وقت مجموعي طور تي 14.423 ايم اي ايف پاڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ ڇڏيو ويندو. هن دعويٰ ڪئي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي، تصديق ارسا جي پاڻي جي روزاني ڊيٽا مان ڪري سگهجي ٿي، ڊائون اسٽريم کي خريف سيزن دوران مسلسل پاڻي ڏنو ويندو. جنهن کانپوءِ 68.677 ايم اي ايف پاڻي صوبن لاءِ هوندو، جنهن مان 34.112 ايم اي ايف پنجاب، سنڌ کي 30.893 ايم اي ايف، خيبر پختونخوا کي 0.823 ايم اي ايف ۽ بلوچستان کي 2.848 ايم اي ايف پاڻي ملندو. ارسا ترجمان چيو ته آڳاٽي خريف ۾ پاڻي جي 10 سيڪڙو ۽ پاڇاٽي ۾ 4 سيڪڙو کوٽ هوندي، کوٽ ۾ پنجاب ۽ سنڌ برابر جا حصيدار هوندا، جڏهن ته خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان آجا هوندا. ارسا پاران منظور ڪيل پاڻي جي حساب سان 15 ڏينهن اندر پاڻي فراهمي جا پلان طلب ڪيا ويا آهن.