اسلام آباد: ارسا جي ايڊوائيزري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته اپريل ۽ مئي ۾ برساتون نارمل کان ٿورو گهٽ پوڻ جو امڪان آهي، خريف سيزن دوران ٽيمريچر نارمل هوندو، جڏهن ته واپڊا جي سفارش تي تربيلا کي مڪمل 1550 فوٽن تائين ڀرڻ بجاءِ 10 جون تائين 1417 فوٽن تائين برقرار رکڻ سبب جون دوران هڪ لک 10 هزار ڪيوسڪس تائين پاڻي وهڪرا اچڻ جو امڪان آهي، جنهن ڪري ڊيم نه ڀريو ويو ته خريف سيزن دوران پاڻي جي کوٽ وڌي سگهي ٿي، جنهن ڪري مئي مهيني ۾ 3 ڀيرا ان صورتحال جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، پهريون جائزو پهرين مئي، ٻيو جائزو 15 مئي ۽ ٽيون جائزو 31 مئي تي ورتو ويندو.