راڄو خاناڻي (ن پ ا) راڄو خاناڻي ڀرسان نوجوان شاديءَ کان هفتو اڳ آپگھات ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾ ڳوٺ راڄ واھ ۾ 19 سالا نوجوان پورهيت موتي ڪولھي پٽ گومدو  ڪولھي پنھنجي گھرن ڀرسان ٻٻر جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاھو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن پاران لاش وڻ ۾ ٽنگيل ڏسي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش رورل هيلٿ سينٽر راڄوخاناڻي پھچايو جتي ڊاڪٽرن پاران قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قھرام مچي ويو فوتيءَ جي  والد گومدو ڪولھي پنھنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته منهنجي پٽ جا شادي جا ڏينهن ٻڌل ھئا ۽ ھفتي کانپوءِ اڳئين اڱاري تي سندس شادي ٿيڻي ھئي ۽ اڄ سندس ڀيڻ جي ڄڃ پڻ اچڻي ھئي. پر خبر ناهي ته ھن ڪھڙي سبب جي ڪري خودڪشي ڪري خوشيءَ واري گھر ۾ ماتم  مچائي ڇڏيو ، ٻئي طرف پوليس پاران ڪوبه ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو.