ٽنڊوالهيار(رپورٽر) ٽنڊي الهيار شهر ۾ 3 نامعلوم ھٿيار بند حيدرآباد روڊ تي واقع رند آباد ويجھو نيو صدا بهارگڊز ٽرانسپورٽ اڏي اندر ھٿيارن جي زور تي  داخل ٿي اسٽاف کي يرغمال بڻائي دڪان تان   40 لک رپيا روڪ رقم، موبائل فون ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا، واردات جو متاثرن پاران پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو ويو، ٻي طرف  گڊز ٽرانسپورٽ مالڪ محمدخان مگسي موجب ته نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري امن قائم ڪرايو وڃي.