ميرپورخاص (بيورورپورٽ) ميرپورخاص ۾ 2 سال اڳ ڌيءُ سان زنا ڪرڻ جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار پيءُ کي عمرقيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي، خبر موجب سيٽلائٽ ٽائون ٿاڻي جي حد چونا فيڪٽري ويجهو 2 سال اڳ عبدالرشيد ميئو پنهنجي ڌيءُ صوبيا سان زنا ڪئي هئي، جنهن بعد متاثر ناري جي فرياد تي سندس خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو هو، ڪالهه سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدار عبدالرشيد ميئو کي عمر قيد ۽ هڪ لک روپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، جڏهن ته فيصلي ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو ته ڏنڊ جي رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ جوابدار وڌيڪ 6 مھينا قيد ڪاٽيندو.