دادو ( رپورٽر ) سيتا روڊ ۾ ويٺل ٻوڏ متاثر مسمات آمنت سولنگي پاران پي پي ايم اين اي ميهڙ، ڪي اين شاھ عرفان علي لغاري ، پي پي اڳواڻ قمبر لغاري ، سيتا اسپتال جي ڊاڪٽر اعجاز احمد سميت 5 ڄڻن خلاف فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو جي عدالت ۾ داخل ڪيل درخواست تان هٿ کڻي وئي آهي ، مسمات آمنت سولنگي عدالت کي وڪيل علي بخش سولنگي معرفت ڇڪايل پي پي ايم اين اي ۽ ٻين سان راضي نامي جي عدالت ۾ درخواست پيش ڪئي ، جنهن تي عدالت سندس درخواست خارج ڪري ڇڏي آهي ، مسمات آمنت عدالت ۾ پي پي ايم اين اي ۽ ٻين خلاف ايف آء آر داخل ڪرائڻ لاء درخواست داخل ڪئي هئي ته سندس پٽ دمساز سولنگي ايم اين اي وٽ امدادي راشن وٺڻ لاء ويو ته کيس مبينا طور لٺيون هڻي زخمي ڪيو ، جيڪو دادو اسپتال نيندي فوت ٿي ويو.