اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف آءِ اي اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين ۽ خيبر پختونخوا جي ناڻي وزير تيمور سليم جهڳڙا کي اڄ اربع ڏينهن صبح جو 10 وڳي طلب ڪيو آهي، ٻنهي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي آءِ ايم ايف جي قرض کي روڪڻ لاءِ وفاق کي خط لکڻ جي حوالي سان سامهون آيل آڊيو رڪارڊنگ واري بيان تي طلب ڪيو ويو آهي، ٻنهي اڳواڻن کي جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته اگر اوهان پيش نه ٿيا ته سمجهيو ويندو ته توهان وٽ پنهنجي دفاع لاءِ ڪجهه به ناهي، ياد رهي ته اڳوڻي ناڻي وزير شوڪت ترين تيمور جهڳڙا کي فون ڪئي هئي ته وفاقي حڪومت کي خط لک سرپلس بجيٽ نه ڏئي سگهڻ لاءِ چوي، اهڙي هدايت کان پوءِ تيمور جهڳڙا وفاق کي خط لکيو هو.