رائونتي (ن پ ا) ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل رهڙڪي واسي 3 نوجوان بازياب، مغوي نصير سومرو، صدام سومرو ۽  عاقب سميجو کي رائونتي جي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو، ان ڏس ۾ رائونتي پوليس پاران ٽنهي نوجوانن کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب ته ڳجھي اطلاع تي ڪچي ۾ ڪارروائي ڪري مغوين کي بازياب ڪرايو آهي، ٻي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوين جي بازيابي ڀنگ ڀرڻ عيوض ٿي آهي.