رائونتي (ن پ ا) گهوٽڪي پوليس پاران رحيميار خان پنجاب جي رهواسين 2  عورتن سميت هڪ مرد کي اغوا  کان بچائڻ جي دعويٰ، ان ڏس ۾  ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته اسپيشل ٽيم کي اطلاع مليو ته 3 ڄڻا اغوا ٿيڻ لاءِ رائونتي ڪچي طرف وڃي رهيا آهن، انھن کي بچائي ورتو آهي، جوابدار پوليس مٿان فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا، اغوا  کان بچي ويلن ۾ احمد دين، سميجو، ڪرن ۽ قوسر شامل آهن، جيڪي رحيم يار خان،چوڪ ٿلي جا رهواسي آهن.