ڪراچي (شوبز نيوز) ڀارت ۾ 11 سالن کانپوءِ پاڪستان جي مشهور ۽ رڪارڊ ٽوڙ بزنس فلم ”دي ليجنڊ آف مولا جٽ“ جي ريليز تمام تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. رپورٽ موجب ڀارت ۾ 30 ڊسمبر تي فواد خان ۽ ماهرا خان جي فلم دي ليجنڊ آف مولا جٽ ريليز ٿي سگهي ٿي، فلم ڀارت جي پنجاب ۽ دهلي جي مختلف ٿيٽرز (جتي پنجابي ٻولي ڳالهائيندڙ گهڻا هوندا) ۾ ريليز ڪئي ويندي. ڀارتي ميڊيا موجب پي وي آر سينيما جي انسٽاگرام پيج تي فلم ريليز بابت آفيشل اعلان به ڪيو ويو جڏهن ته ان پوسٽ کي جلد ئي پيج تان ڊيليٽ ڪيو ويو.