ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي سُپر اسٽار ڪرينا ڪپور نئين سال بابت چيو آهي ته نئين سال ۾ هوءِ گهڻو ڪجهه ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. بالي ووڊ بيبو پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ نئين سال جي رٿابندي بابت آگاهه ڪيو آهي. ڪرينا چيوته سندس نئين سال جو ريزولوشن زندگيءَ ۾ توازن ڳولڻ آهي، لفظي طور تي اِهو هڪ پير تي بيهڻ جيان آهي جنهن جا ٻه ٻار هجن ۽ پوءِ به اوهان ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هجو. ڪرينا ڪپور چيو ته هوءِ پنهنجي والدين سان به وقت گذارڻ چاهي ٿي انڪري هوءَ رڳو خوش رهڻ چاهي ٿي. هن چيو ته نئين سال جي مناسبت سان هر ڪوئي منصوبابنديون ڪندو آهي پر سڀني جي ريزوليشن خوش ۽ پرامن رهڻ جي هئڻ گهرجي.